پپلا مول

پپلا مول: پپلا مول، هڪ پاڙ آهي، جيڪا تيز ذائقي واري اڇي رنگ جي ٿيندي آهي. هيءَ معدي ۽ جگر کي تقويت ڏئي ٿي. طعام کي هضم ڪري، بک کي وڌائي ٿي. وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿي. بدهضمي، کٽين اوگراين، ٻرهل، يرقان، گھاٽي بلغم کي پچائي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ مفيد آهي. هن کي ڪٽي ناس ڪرائڻ سان ته مٿي جو سور، نزلي، ريزش ۽ زڪام کي فائدو ڏئي ٿي. اکين جي بيمارين ۾ به مفيد آهي. هن کي ”سچيت ڪاٺي“ به چوندا آهن


هن صفحي کي شيئر ڪريو